ڊاڪٽر حيات سنڌي

ڊاڪٽر حيات سنڌي

حيات سنڌي ڊاڪٽر

حيات سنڌي، ڊاڪٽر: سنڌي خاتون سائنسدان ڊاڪٽر حيات سنڌي، سعودي عرب جي شهر مڪي شريف ۾ سليمان بن حسن سنڌيءَ جي گهر ۾ ڄائي، جيڪو سنڌ مان لڏي وڃي سعودي عرب ۾ آباد ٿيو. هن ابتدائي تعليم مڪي ۾ حاصل ڪئي، جنهن بعد وڌيڪ تعليم لاءِ لنڊن وئي، جتي هڪ سال انگريزي سکڻ ۽ اعلى سطحي مطالعو ڪرڻ کانپوءِ هن ڪنگز ڪاليج لنڊن ۾ داخلا ورتي، جتان 1995ع ۾ فارموڪولاجيءَ ۾ گريجوئيشن ڪئي. هن ڪنگز ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران الرجي تي ڪم ڪيو، جنهن تي کيس ‘پرنسز ايني’ اوارڊ سان نوازيو. هي ڪنسلٽيٽو اسيمبلي سعودي عرب جي پهرين عورت ميمبر جو اعزاز پڻ رکي ٿي. ان کان سواءِ پوائنٽ آف ڪيئر ميڊيڪل ٽيسٽنگ ۽ بايوٽيڪنالاجي ٺاهيندڙ طور پڻ شهرت ماڻي چڪي آهي. هي سڄي دنيا ۾ عرب واپارين ۽ بااثر شخصيتن ۾ 19هين نمبر ۽ بااثر عرب عورتن ۾ نائين نمبر تي هجڻ جو به اعزاز ماڻي چڪي آهي. ڊاڪٽر حيات سنڌي، ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان بائيوٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊگري ماڻيندڙ پهرين عرب عورت جو اعزاز رکي ٿي. هن انهيءَ يونيورسٽي مان 2001ع ۾ بائيوٽيڪنالاجيءَ ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪئي. هي عرب عورتن ۾ پهرين عورت آهي، جنهن ڊاڪٽورل شعبي ۾ ڊگري حاصل ڪئي. هي هارورڊ يونيورسٽيءَ جي اسڪالر آهي ۽ جده، بوسٽن، ڪيمبرج، ميساچوسيٽس جا دورا ڪري چڪي آهي. هن هارورڊ ۾ ٻين چئن ساٿي سائنسدانن سان گڏ ليبارٽريءَ ۾ ڪم ڪيو، جنهن تحت گڏيل قومن پاران سائنسي تعليم جي واڌاري لاءِ هڪ ڊاڪيومينٽري تيار ڪئي وئي. هيءَ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ سائنسي پروگرامن ۾ شريڪ ٿي ليڪچر پڻ ڏيندي آهي. دماغي بيمارين جي علاج ۾ خاص دلچسپي رکي ٿي. ڊي.اين.اي تي پڻ سندس ڪم ٿيل آهي. هن سائنسي ڪم تي 2001ع ۾ مڪه المڪرمه پرائز به ماڻيو، جيڪو خالد بن فيصل السعود هٿان کيس مليو. نيشنل جيوگرافي سوسائٽيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ سان گڏ يونيسڪو جي سفير پڻ آهي. جنوري 2014ع ۾ ٻيهر ڪنسلٽيٽو اسيمبلي جو حصو بڻي آهي. جارج وائيٽ سائيڊس مشهور لائبريري جي پراجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ سبب هارورڊ انٽر پرائز ڪامپيٽيشن ۾ هڪ لک ڊالرز ۽ ايم.آءِ.ٽي اوارڊ ۽ بل گيٽس پاران کيس 10 ملين ڊالرز ڏنا ويا. جڏهن ته يونيسڪو پاران کيس مڊل ايسٽ ۽ سائنسي تعليم خاص طور ڇوڪرين بابت سفير مقرر ڪيو ويو آهي. هن ڪيترائي سون ۽ چانديءَ جا ٻلا پڻ ماڻيا آهن. پاڻ پنهنجي ميڊيسٽ فائونڊيشن هلائي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ ايڊز تي پڻ ڪم ڪري رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو